Hesperian Health Guides

ڪوروناوائرس — COVID-19

ڪووڊ ـ 19 ڇا آهي؟

ڪووڊ ـ 19جي بيماري، ڪوروناوائرس سبب ٿئي ٿي جيڪو هڪ تمام ننڍڙو جيوڙو آهي (جنهن کي خوردبين کانسواءِ ڏسي نٿو سگهجي)، اهو ماڻهن ۾ بيماري پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪووڊ ـ 19 ليس زڪام (فلوءَ) جهڙيون نشانيون جهڙوڪ: سڪي کنگهه، ساهه جي مونجهه، بخار، ڪمزوري ۽ جسم ۾ سور پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪووڊ ـ 19 گھڻي ڀاڱي، ساهه سرشتي کي متاثر ڪري ٿو. ٻيون ڪيتريون روڳي بيماريون ايتريون خطرناڪ نٿيون ٿين پر هي نمونيا (ڦڦڙن جي سنگين بيماري) پيدا ڪري سگهي ٿو ته شديد حالتن ۾ موتمار به ٿي سگهي ٿو.

ڪوروناوائرس ڪيئن پکڙجي ٿو؟

Corona color Page 1-1.png

ڪوروناوائرس، توهانجي وات، نڪ ۽ اکين رستي جسم ۾ تڏهن داخل ٿئي ٿو جڏهن ڪو متاثر فرد توهانجي يا ڪنهن اهڙي مٿاڇري ڀرسان ساهه کڻي، کنگهي يا نڇون ڏئي ٿو جنهن کي توهان ڇهي پوءِ پنهنجين اکين، نڪ يا وات کي هٿ لايو ٿا. ڪيترا ماڻهو، ڪوروناوائرس ۾ وچڙڻ کانپوءِ اٽڪل 5 ڏينهن ۾ بيمار ٿي پون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪوروناوائرس بيماريءَ جون نشانيون پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ جسم ۾ 2 کان 14 ڏينهن تائين زنده رهي سگهي ٿو. ڪي ماڻهو، خاص طور تي ٻارڙا، وائرس ۾ مبتلا ته ٿين ٿا پر ڪڏهن به بيمار ٿي نٿا سگهن. ان لحاظ کان ڪن ماڻهن جي جسم ۾ ڪوروناوائرس موجود هجي ٿو جنهن جي کين ڄاڻ نه ٿي هجي، ان سبب وائرس ٻين ۾ وچڙائيندا رهن ٿا. ڪوروناوائرس، ڪن مٿاڇرن ۽ جسمن تي گھٽ ۾گھٽ 3 ڏينهن ۽ ممڪن آهي ته اڃان به ڊگهي عرصي تائين زنده رهي سگهي. اهو وائرس، ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ انهن سان لاڳاپن رکڻ سان سولائي سان پکڙجي سگهي ٿو.

ڪوروناوائرس ڪنهن کي بيمار ڪري سگهي ٿو؟

ڪوروناوائرس ڪنهن کي به بيمار ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن توهان ان بيماريءَ مان صحت ياب ٿي ويا آهيو ته توهان کي وري به وچڙي سگهي ٿو. 45 سالن کان وڏيءَ عمر وارا، خاص طور تي پيرسن فرد ۽ جيڪي ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا هجن ۽ جن جو مدافعتي نظام (اميون سرشتو) ڪمزور هجي اهي ڪوروناوائرس ۾ وچڙڻ جي گھڻي خطري ۾ رهن ٿا ۽ شديد تڪليفون ڏسن ٿا.

توهان ڪوروناوائرس کان پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟

هن وقت تائين نه ته ڪوروناوائرس جي ڪا وئڪسين ۽ نه ئي ڪا مخصوص دوا موجود آهي. ڪوروناوائرس ائنٽيبياٽڪ دوائن ۽ گهريلو ٽوٽڪن سان به ختم ٿي نٿو سگهي. ڪوروناوائرس کان بچاءُ جو رڳو اپاءُ ان سان لاڳاپي ۾ اچڻ کان پاڻ بچائڻ ۽ پاڻ کي هر هر صاف سٿرو رکي ان کي ختم ڪرڻ ۾ آهي جنهن لاءِ:

  • پنهنجا هٿ هر هر صاف ڪندا رهو ان لاءِ صابڻ ۽ پاڻي يا الڪوهل وارو لوشن استعمال ڪجي.
    • 20 سيڪنڊن تائين صابڻ ۽ پاڻيءَ سان هٿ مهٽي پڪ ڪجي ته نهن کي اندران، هٿن کي مڪمل طور، ڪراين ۽ ٻانهن کي چڱيءَ طرح سان صاف ڪجي ٿو.
    • ٻاهران گهر موٽي اچڻ، ڪاڪوس مان واپس ورڻ، ماني کائڻ کان اڳ ۽ کنگهڻ، ڇڪون/ نڇون ڏيڻ يا نڪ صاف ڪرڻ کانپوءِ سدائين هٿ ملي صاف ڪجن.
    • منهن کي تيسيتائين نه ڇهجي جيسيتائين هٿ ملي صاف نه ڪجن.
  • مٿاڇرا صاف رکڻ (جهڙوڪ ڪائونٽر/ دخل، درن جا مٺيا وغيره) جو ممڪن آهي ته انهن تي ڪوروناوائرس موجود هجن، اهي الڪوحل يا بليچ جهڙي مادي سان صاف ڪجن.
    • الڪوحل (alcohol) : سيڪڙي آئسوپروپائيل (Isopropyl) الڪوحل استعمال ڪرڻ سان ڪوروناوائرس جا جيوڙا جلد مري وڃن ٿا. ان سان مٿاڇرا جهڙوڪ: دخل، درن جا هٿيا/ مٺيا ۽ اوزار/ سامان صاف ڪري سگهجي ٿو. آئسوپروپائيل جو 60 کان 70 سيڪڙو استعمال ڪجي ته بهتر اثر ڪري ٿو، 100 سيڪڙو ا لڪوحل استعمال نه ڪجي ڇاڪاڻ ته جيوڙن مارڻ لاءِ ان ۾ پاڻي ملائڻ ضروري ٿئي ٿو. پر جي توهان وٽ 100 سيڪڙو (نج) الڪوحل هجي ته ان لاءِ، پاڻيءَ جي هڪ ڪوپ ۾ الڪوحل جا ٻه ڪوپ ملائي استعمال ڪجي. الڪوحل استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ اهڙي هنڌ کي صابڻ ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ الڪوحل جي ڳار سان صاف ڪري هوا ۾ خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏجي. ي.
    • بليچ (bleach): عام طور تي 5 سيڪڙي ڳار جي صورت ۾ ملي ٿي. ان کي ڇڊي ڪرڻ لاءِ منجهس سَڄر پاڻي ملائجي (گرم پاڻي سٺو اثرائتو نه ٿيندو). فرشن ۽ وڏن مٿاڇرن لاءِ، بليچ جا 2 ڪوپ، پاڻي جي 5 گئلن ۾ ملائجن (500 م.ل بليچ 20 لٽر پاڻيءَ ۾) ٿوري مقدار ۾ ٺاهڻ لاءِ بليچ جا 3 وڏا چمچا، پاڻيءَ جي 4 ڪوپن ۾ ملائجن (50 م.ل بليچ 1 لٽر پاڻيءَ ۾). صاف ڪندڙ هنڌ کي اڳ ۾ صابڻ ۽ پاڻيءَ سان صاف ڪري پوءِ بليچ جي ڳار سان صاف ڪري ان کي هوا ۾ خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏجي.
  • جيڪي شيون هر هر استعمال ڪريو ٿا انهن کي مٿين ڳارن سان صاف ڪندو رهجي.
  • ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ڌوپ وارو صابڻ ۽ ممڪن ٿي سگهي ته گرم پاڻي استعمال ڪجي. جيڪڏهن توهانجي مشين ۾ آگهارڻ جي سهولت موجود هجي ته اڳ ۾ اها استعمال ڪرڻ نه وسارجي. جيڪڏهن هٿ سان ڌوئڻا پون ته گھڻو صابڻ استعمال ڪري چڱيءَ طرح سان ڌوئجن ۽ پوءِ اس ۾ سڪائجن.
  • پنهنجو مکوٽي يا ماسڪ رستي بچاءُ ڪرڻ: جيڪڏهن ڪنهن ڪوروناوائرس ۾ مبتلا شڪي فرد جي پرگهور لهندڙ آهيو ته توهانجو N95 ماسڪ وڌيڪ بهتر طريقي سان بچاءُ ڪري سگهندو بنسبت ڪنهن سرجيڪل ماسڪ جي. ماسڪ درست طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ:
    • ماسڪ استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجا هٿ الڪوحل واري لوشن يا صابڻ ۽ پاڻي سان مهٽي صاف ڪري پوءِ: ماسڪ سان پنهنجو وات ۽ نڪ اهڙيءَ طرح سان ڍڪي پڪڪريو ته جيئن توهانجي منهن ۽ ماسڪ جي وچ ۾ ڪا وٿي نه هجي.
    • ماسڪ پائيندي ان کي هٿ لائڻ يا ڇهڻ جي ڪوشش نه ڪجي ۽ ماسڪ گِهمجي وڃي ته نئون استعمال ڪجي
    • ماسڪ لاهڻ لاءِ، ان کي پنهنجي ڪنڌ پٺيان واري پلاسٽڪ جي پٽي رستي لاهي (پر ماسڪ کي هٿ نه لائجي)، هڪدم ڪنهن ويجهي بند، گند ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي پنهنجا هٿ ڌوئي ڇڏجن.
    • ساڳيو ماسڪ ٻيهر استعمال نه ڪجي. جيڪڏهن N95 ماسڪ جو ٻيهر استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو ته ان کي 72 ڊگرين سينٽي گريڊن (160° ف) جي گرمي پد تي 30 منٽن تائين اوٻاري جيوڙن کان صاف ڪجي. يا جيڪڏهن گھٽ ۾ گھٽ 5 ماسڪ هجن ته هرهڪ الڳ الڳ ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري رکجن ۽ واري وٽيءَ سان استعمال ڪجن ته هر هڪ 5 ڏينهن تي استعمال ڪري سگهبو.
    • بهتر، منهن تي ماسڪ بجاءِ ڪو به ڪپڙو استعمال نه ڪرڻ ٿئي ٿو ڇو ته ڪپڙو توهان جي ساهه کڻڻ سان گهمجي ٻاهرين پڪ ڦڙين ۾ موجود بيماريءَ جي جيوڙن کي سولائيءَ سان توهان جي جسم تائين پهچائي سگهندو.
  • ٻين جي بچاءَ لاءِ پاڻ ماسڪ استعمال ڪريو: جيئن ته ڪو به فرد بي خبريءَ ۾ متاثر ٿي سگهي ٿو انڪري عوامي هنڌن تي جيڪڏهن هر فرد سادي ڪپڙي سان پنهنجو پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏي ته ٻين کي متاثر ڪرڻ کان بچائي سگهي ٿو. وئڪسين کانسواءِ، پنهنجيءَ برادريءَ کي ڪورونووائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ئي واحد طريقو آهي. تنهن هوندي به توهان لاءِ هر هر هٿ ملي صاف ڪرڻ ۽ ماڻهن کان 2 ميٽر (6 فوٽ) وٿيرڪو رهڻ ضروري ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته توهان جو ماسڪ توهانجي پاڙيسيرين جو بچاءُ ڪري ٿو پر توهان جو نه.
  • پنهنجي صحت تي نظر رکو: جيڪڏهن سُڪي کنگهه هجي، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي هجي، ڇاتيءَ ۾ سور يا دٻاءُ محسوس ڪجي ۽ بخار به هجي ته سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي ڊاڪٽر يا مقامي صحت مرڪز جي ماهر کي ٻڌائي کائنس هدايتون وٺجن ته ڪٿان ۽ ڪيئن علاج ڪرائجي. ڇاڪاڻ ته، ڪووڊ ـ 19 جو گھڻو شديد خطرو، ساهه نه کڻي سگهڻ ٿئي ٿو (اڪيوٽ رسپائريٽري ڊسٽريس سنڊروم ـ ARDS) ان جي شديد حالتن ۾ علاج لاءِ آڪسيجن ڏيڻي پوي ٿي ۽ وينٽيليٽر لڳائڻ ٿئي ٿو جيڪي رڳو صحت مرڪز ۾ موجود ٿين ٿا.
    • This page was updated:05 جنوري 2024